ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا جي فٽنيس بابت فيصلو 11 فيبروري تي ٿيندو، جيڪا آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ حتمي اسڪواڊ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ آهي.
بمرا تازو بي سي سي آءِ جي بنگلورو سينٽر ۾ پٺيءَ جو اسڪين ڪرائي، جتي ميڊيڪل ٽيم سندس حالت جو جائزو وٺي رهي آهي.
فاسٽ بالر جنوري ۾ ڀارت خلاف بارڊر گواسڪر سيريز جي آخري ٽيسٽ دوران زخمي ٿي پيو جنهن سبب هو انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز به نه کيڏي سگهيو.
جيڪڏهن بمرا مڪمل طور تي فٽ نه ٿيو ته سندس جاءِ تي هرشيت رانا کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويندو، پر امڪان آهي ته ڀارتي سليڪٽر کيس اسڪواڊ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندا.
واضح رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت گروپ اي ۾ ميزبان پاڪستان، بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ خلاف دبئي ۾ ميچون کيڏندو.
ڀارتي ٽيم جي پهريون ميچ 20 فيبروري تي بنگلاديش خلاف، 23 فيبروري تي پاڪستان سان ۽ 2 مارچ تي نيوزيلينڊ خلاف شيڊيول آهي.
You might also like