ممبئي (ويب ڊيسڪ) مداح پنهنجي پسنديده اداڪارن سان محبت جو اظهار مختلف طريقن سان ڪندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن سندن ديوانگي حيران ڪندڙ حد تائين پهچي ويندي آهي.
اهڙو ئي هڪ حيرت جوڳو واقعو سنجي دت سان پيش آيو، جتي هڪ عورت مداح پنهنجي اربين رپين جي ملڪيت اداڪار جي نالي ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، نشا پٽيل نالي عورت پنهنجي وصيت ۾ مرڻ کانپوءِ 72 ڪروڙ ڀارتي رپين (يعني 2 ارب 29 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني رپيا) جي ملڪيت سنجي دت جي نالي ڪري ڇڏي.
رپورٽس موجب، 2018 ۾ سنجي دت کي عورت مداح جي وفات جي هڪ ڏينهن کانپوءِ پوليس جو فون آيو، جنهن ۾ کيس آگاهه ڪيو ويو ته نشا پٽيل پنهنجي ملڪيت ۽ بينڪ اڪائونٽس سندس نالي ڪيا آهن.
سنجي دت جي وڪيل ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته اداڪار نشا پٽيل کي سڃاڻندو به نه هو، تنهنڪري هو هن ملڪيت تي دعويٰ نه ڪندو ۽ ان مان ڪنهن به قسم جو حصو نه وٺندو.
ياد رهي ته سنجي دت اٽڪل 295 ڪروڙ ڀارتي رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، سندس ممبئي ۽ دبئي ۾ گهر موجود آهن، جڏهن ته هو هر فلم لاءِ 5 کان 8 ڪروڙ ڀارتي رپيا معاوضو وٺي ٿو.
سندس لگزري ڪار ڪليڪشن ۾ رولز رائس، رينج روور، فراري، آڊي ۽ بي ايم ڊبليو جهڙيون قيمتي گاڏيون شامل آهن، جن جي ماليت به ڪروڙين رپيا آهي.
You might also like