چانهه ۽ زهر ڳالهه ساڳي! پر ڪهڙي مهل؟

چانهه ته قومي شربت آهي، اها هر هنڌ گهڻي مقدار ۾ عام طور تي استعمال ڪئي ويندي آهي، ان جا مختلف فائدا ۽ نقصان به آهن جن بابت اسان ڪيترائي ڀيرا ٻڌائي چڪا آهيون.

ڪجهه ماڻهن کي نيراني مطلب ته ننڊ مان اٿڻ سان ئي خالي پيٽ چانهه پيئڻ جي عادت هوندي آهي، اهي سمجهندا آهن ته جيستائين اهي چانهه نٿا پيئن تيستائين انهن کي ٻي ڪا به ڳالهه ناهي وڻندي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته نيراني چانهه پيئڻ صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي ايتري جو صحت جي ڀارتي ماهرن جو چوڻ آهي ته نيراني چانهه پيئڻ ۽ زهر ڳالهه ساڳئي ئي آهي.

خالي پيٽ چانهه پيئڻ سان معدي ۾ تيزابيت وڌندي آهي، جنهن جي ڪري گيس، ساڙو ۽ هاضمي جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن.

مٺي هجڻ ڪري خالي پيٽ چانهه پيئڻ سان جسم ۾ مٺاڻ جي سطح تيزيءَ سان وڌندي آهي، کنڊ مليل هجڻ ڪري اها صبح واري چانهه ٿولهه ۽ ذيابطيس جو وڏو سبب بڻجي ٿي.

چانهه ۾ موجود ٽينن ۽ کير ۾ موجود ڪيسين پروٽين گڏجي هاضمي جي نظام کي تباهه ڪري سگهن ٿا، جنهن جي ڪري بدهضمي، گيس ۽ جسم توڙي پيٽ جو ڦوڪجڻ شروع ٿيندو آهي.

چانهه ۾ موجود ڪيفين ۽ ٽينن ڏندن کي ڦڪو ڪري هوڙن کي جيت لڳڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ان سان گڏ کير ۽ کنڊ چانهه جي صورت ۾ ملي وڃن ته نيراني پيٽ جي بيمارين لاءِ انتهائي خطرناڪ هوندا آهن، اهو ئي سبب آهي ته صحت جا ماهر صبح جي وقت نيراني يا خالي پيٽ چانهه پيئڻ واري عمل کي زهر برابر قرار ڏين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.