ورهين کان وڇڙيل مها ڪمڀ ميلي ۾ ملي ويا؟ اميتاڀ ۽ ريکا جون تصويرون وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن ۽ ريکا کي گڏ ڏسڻ مداحن لاءِ هميشه دلچسپ رهيو آهي، جيتوڻيڪ اهي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به گڏ نه ٿي سگهيا.
تازو ڀارت ۾ جاري مهاڪمڀ ميلي ۾ ڪيترين ئي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي، جن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
بالي ووڊ جي بگ بي ۽ ريکا جون تصويرون پڻ مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي وائرل ٿي رهيون آهن جن تي مداح دلچسپ قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن.
ڪيترن ئي مداحن انهن تصويرن سان گڏ مشهور گيت جا ٻول لکيا ته ”ڪب ڪي بڇڙي هوئي هم، آج ڪهان آ ڪي ملي.“
پر حقيقت ۾ اهي تصويرون هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ ) جو نتيجو آهن ۽ جديد ٽيڪنالاجي هڪ اهڙي جوڙي کي به گڏ آڻي ڏيکاريو، جيڪا حقيقت ۾ ڪڏهن به گڏجي نه سگهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل تصويرن ۾ اميتاڀ بچن ۽ ريکا کي پرياگ راج ۾ مهاڪمڀ ميلي دوران پاڻيءَ ۾ ٽُٻي ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي، پر تصويرن جي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ معلوم ٿيو ته هي تصويرون اي آءِ ذريعي ٺاهيل آهن ۽ انهن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.