لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته ٽارگيٽ اهو آهي ته اسان کي ٽه ملڪي سيريز ۽ چيمپيئنز ٽرافي ۾ فتح حاصل ڪرڻي آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان علي آغا چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ حالتن سان ايڊجسٽ ٿيڻو پوندو آهي، پر پاڪستاني حالتن ۾ کيڏڻ جا عادي آهيون، ميگا ايونٽ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
نائب ڪپتان چيو ته ٽورنامينٽ ۾ اوپنر صائم ايوب جي کوٽ محسوس ٿيندي ڇو ته هو پنهنجي ڪيريئر جي بهترين فارم ۾ هو.
هن چيو ته خوشدل ۽ هو ٻئي گڏجي ملڪ لاءِ بهتر ڪرڻ ڪوشش ڪندا، پليئنگ اليون سان گهڻي ڇيڙڇاڙ نه ڪئي ويندي.
نائب ڪپتان وڌيڪ چيو ته آءِ سي سي ايونٽ پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي، اسان تمام گهڻو خوش آهيون.
Next Post
You might also like