ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ورون ڌون جي ڀائٽي انجني ڌون، سلمان خان جي ايندڙ فلم ”سڪندر“ ۾ ڪم ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
انجني ڌون گذريل سال فلم ”بني اينڊ فيملي“ ذريعي پنهنجي فلمي سفر جو آغاز ڪيو هو، هاڻ هوءَ سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ پرجوش آهي.
هن هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ هڪ خواب هو، جيڪو پورو ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته مان سلمان خان جي سڀ کان وڏي مداح رهي آهيان، مون کي هن جون فلمون تمام گهڻيون پسند آهن، مون کي يقين نٿو اچي ته مان سلمان خان سان ڪم ڪري رهي آهيان، هر روز خواب وانگر محسوس ٿي رهيو آهي.
ياد رهي ته سلمان خان ۽ رشميڪا مندنا جي فلم ”سڪندر“ 2025 ۾ عيد تي رليز ٿيندي.
Prev Post
You might also like