لاهور (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي 2025 لاءِ پاڪستاني ڪٽ جي رونمائي جي امڪاني تاريخ سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب قذافي اسٽيڊيم لاهور جي افتتاحي تقريب دوران پاڪستاني ٽيم جي چيمپيئنز ٽرافي جي ڪٽ جي به رونمائي ڪئي ويندي.
وزير اعظم شهباز شريف 7 فيبروري تي قذافي اسٽيڊيم جي افتتاحي تقريب جو خاص مهمان هوندو.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين جاري رهندي، ميگا ايونٽ جون ميچون لاهور، ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون، جڏهن ته ڀارتي ٽيم پنهنجون ميچون يو اي اِي ۾ کيڏندي.
You might also like