اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار انتظامي ڪميٽي ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق انتظامي ڪميٽي جو چيئرمين هوندو، جڏهن ته سينيئر ترين جج جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس خادم حسين سومرو انتظامي ڪميٽي جا ميمبر هوندا.
ان کانسواءِ چيف جسٽس عامر فاروق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي به تبديل ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس عامر فاروق جي منظوري سان ايڊيشنل رجسٽرار اعجاز احمد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن موجب نئين پروموشن ڪميٽي سينيئر پيوني جج جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻڌل هوندي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نئين سينارٽي لسٽ جاري ڪئي وئي، جنهن موجب سينارٽي لسٽ ۾ جسٽس سرفراز ڊوگر سينيئر پيوني جج هوندو، جڏهن ته جسٽس محسن اختر ڪياني ٻئي نمبر تي هليو ويو.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٽئين، جسٽس طارق محمود جهانگيري چوٿين، جسٽس بابر ستار پنجين، جسٽس سردار اسحاق خان سينارٽي ۾ ڇهين نمبر تي آهي.
سينارٽي ۾ جسٽس ارباب محمد طاهر ستين، جسٽس ثمن رفعت امتياز اٺين، جسٽس خادم حسيم نائين، جسٽس اعظم خان ڏهين، جسٽس آصف 11هين ۽ جسٽس انعام امين منهاس 12هين نمبر تي آهي.
ٻين صوبن مان جج اچڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينارٽي لسٽ تبديل، جسٽس محسن ٻئي نمبر تي هليو ويو
You might also like