ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا آءِ ايم ايف جي شرط تي ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو جنوري 2025 کان لاڳو هوندو.
وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان موجب صوبائي حڪومت ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ۾ لائيو اسٽاڪ کي شامل ناهي ڪيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بورڊ آف ريونيو بدران سنڌ ريونيو بورڊ جمع ڪندو، جڏهن ته قدرتي آفتن جي صورت ۾ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ۾ ايڊجسٽمينٽ ٿيندي.
ترجمان ٻڌايو ته آباد ايراضي لڪائڻ جي صورت ۾ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، ننڍين ڪمپنين تي زرعي ٽيڪس 20 سيڪڙو ۽ وڏين ڪمپنين تي 28 سيڪڙو لاڳو ٿيندو، 20 ڪروڙ کان 25 ڪروڙ رپين تائين زرعي آمدني تي 2 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو، 25 ڪروڙ کان 30 ڪروڙ رپين تائين زرعي آمدني تي 3 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو، جڏهن ته 30 ڪروڙ کان 35 ڪروڙ رپين تائين زرعي آمدني تي 4 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو.
ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ايڪٽ موجب زرعي آمدني 35 ڪروڙ کان 40 ڪروڙ رپين تائين هجڻ تي 6 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو، 40 ڪروڙ کان 50 ڪروڙ رپين تائين زرعي آمدني تي 8 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو، جڏهن ته زرعي آمدني 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ هجڻ تي 10 سيڪڙو ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس لاڳو ٿيندو.
ذريعن موجب زرعي آمدني 6 لک رپين تائين هجڻ تي ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو، جڏهن ته وڌيڪ آمدني وارن زميندارن تي سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.
You might also like