ساهيوال ۾ ڄاڃين سان حادثو، گهوٽ ڪنوار فوت

ساهيوال (ويب ڊيسڪ) ساهيوال ۾ ڄاڃين جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽ ڪنوار فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس اختيارين موجب حادثو ساهيوال ۾ قومي شاهراهه تي پيش آيو، جنهن ۾ ڄاڃين جي گاڏي وڻ سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ گهوٽ ڪنوار فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس ٻڌايو ته ڄڃ سنڌ کان پتوڪي واپس اچي رهي هئي ۽ ڊرائيور کي ننڊ جو جهوٽو اچڻ سبب حادثو پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.