قانون جي ڇُري سدائين ٺاهيندڙن خلاف استعمال ٿيندي آهي: سعد رفيق جو پيڪا ايڪٽ تي ردعمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ خواجا سعد رفيق پيڪا ايڪٽ تي چيو آهي ته قانون جي ڇُري سدائين ٺاهيندڙن خلاف استعمال ٿيندي آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته بيشڪ فيڪ نيوز هڪ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي پر حڪومت وٽ شهرين کي سوگهو ڪرڻ لاءِ لامحدود اختيار نه هجڻ گهرجن.
هن چيو ته پيڪا قانون تي صحافتي تنظيمن سان مشاورت ڪئي وڃي، بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جي مشاورت سان ضروري ترميمون آنديون وڃن، ياد رهي ته قانون جي ڇُري سدائين وقت تبديل ٿيڻ سان ٺاهيندڙن خلاف استعمال ٿيندي آهي.
سندس چوڻ هو ته ان قانون تحت ٺاهي ويندڙ ٽربيونلز جي فيصلن خلاف اپيل جو حق هاءِ ڪورٽس کي ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.