ڪوالامپور (ويب ڊيسڪ) ڀارت انڊر 19 وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
ڪوالامپور ۾ کيڏيل فائنل ۾ ڀارت ڏکڻ آفريقا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.
فائنل ۾ پروٽيز جي بيٽنگ لائن مڪمل طور ناڪام رهي ۽ سڄي ٽيم 82 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جواب ۾ ڀارت گهربل هدف 12هين اوور ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
واضح رهي ته ايونٽ ۾ پاڪستان ٽيم رڳو هڪ ڪاميابي ماڻي سگهي هئي ۽ پهرئين ئي رائونڊ ۾ ٻاهر ٿي وئي هئي.
You might also like