سون خريدڻ جي خواهشمند جا مٿي تي هٿ، اگهه آسمان تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو.
مقامي سطح تي في تولي سون جي قيمت ۾ 400 رپيا واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت ٻه لک 92 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي، جيڪا نئين بلند ترين سطح آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 343 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 50 هزار 514 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 15 ڊالر واڌ سان 2797 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.