ڪراچي: سرڪاري ڪاليج جو سپرنٽينڊنٽ فيس جا لکين رپيا کڻي فرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گورنمينٽ ڪاليج جو سپرنٽينڊنٽ فيس جي مد ۾ وصول ڪيل لکين رپيا کڻي فرار ٿي ويو.
اهو واقعو ڪراچي جي گورنمينٽ ڪاليج فار وومين ناظم آباد ۾ پيش آيو، جتي ڪاليج جو سپرنٽينڊنٽ شاگردياڻين جي فيس جي مد ۾ وصول ڪيل 9 لک رپيا کڻي فرار ٿي ويو.
ان حوالي سان ڪاليج پرنسپال سپرنٽينڊنٽ تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو ۽ چيو ته ڪجهه متاثر شاگردياڻين جا ايڊمٽ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻين کي به جلد ايڊمٽ ڪارڊ ڏنا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.