دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ملڪي ون ڊي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڊيوڊ بون، رچرڊ النگورٿ ۽ مائيڪل گف کي ٽي ملڪي ون ڊي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز مقرر ڪيو آهي.
ٽي ملڪي سيريز لاهور ۽ ڪراچي ۾ کيڏي ويندي، سيريز جون ميچون 8 کان 14 فيبروري تائين کيڏيون وينديون.
ڊيوڊ بون آءِ سي سي ايليٽ پينل آف ميچ ريفريز جو ميمبر آهي، جڏهن ته رچرڊ النگورٿ ۽ مائيڪل گف آءِ سي سي ايليٽ پينل آف امپائز جا ميمبر آهن.
پاڪستاني امپائر راشد رياض، آصف يعقوب ۽ فيصل آفريدي به ٽي ملڪي سيريز ۾ ذميواريون نڀائيندا.
You might also like