لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم جي اپ گريڊيشن ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي 8 فيبروري تي ٽي ملڪي سيريز جي ميچ ڏسڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي.
پي سي بي چيئرمين اڄ قذافي اسٽيڊيم جو تفصيلي دورو ڪيو، جنهن دوران هن ورڪرن سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ کين ڏينهن رات ڪم ڪرڻ تي شاباشي ڏني.
محسن نقوي ورڪرن کي 8 فيبروري تي ٽي ملڪي سيريز جي ميچ ڏسڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته مان پاڻ اوهان سڀني سان گڏجي ميچ ڏسندس.
هن نئين ڪرسين تي ويهي اسٽيديم جو نظارو ڪيو ۽ سڀني فلورن، نئين ڊريسنگ رومز، هاسپيٽيليٽي باڪسز ۽ مختلف شعبن جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جديد ترين عالمي سطح جي سهولتن وارو اسٽيڊيم تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ رانديگرن سان گڏ شوقينن کي به سهولتون ملنديون.
هن چيو ته اسان جي سموري ٽيم ڏينهن رات محنت سان ڪم ڪيو ۽ ناممڪن ٽاسڪ کي ممڪن بڻايو آهي، چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان جي عزت آهي ۽ اسان پنهنجي ملڪ جي عزت وڌائيندا سين.
Next Post
You might also like