ڀارت: ڪنڀ ميلي ۾ ڀاڄ سبب 30 ڄڻا اجل جو شڪار، 60 زخمي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي مذهبي اجتماع ۾ صبح سوير ڀاڄ سبب 30 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر پرياگ راج ۾ ڪمڀ ميلي جي سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندڙ پوليس چيف 30 فوتگين جي تصديق ڪندي چيو ته واقعي ۾ 60 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا.
ڪمڀ ميلي ۾ اهڙا واقعا پيش اچڻ معمول جي ڳالهه آهي، هر 12 سالن کانپوءِ ٿيندڙ ان ميلي ۾ ڪروڙين ماڻهن جي مذهبي رسمن جي ادائيگي لاءِ پرياگ راج آمد ٿيندي آهي.
رپورٽن موجب جڏهن ماڻهو مذهبي رسم اشنان (وهنجڻ) لاءِ پهتا ته اونداهي ۾ ڪيترائي ماڻهو لتاڙجي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.