اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جي ڪيس ۾ بچاءَ واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته 9 مئي واقعن بابت ڪيسن کانسواءِ ٻين فوجي عدالتن جي فيصلن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن.
سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف داخل انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ ڪئي، جنهن ۾ بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي سوال اٿاريو ته ڇا ڪنهن فرد تي الزام لاڳو ڪرڻ کان اڳ تحقيق ڪئي ويندي آهي؟ جسٽس محمد علي مظهر وضاحت ڏني ته اڳ ۾ جاچ ڪئي ويندي آهي پوءِ الزام لاڳو ڪيو ويندو آهي.
جسٽس حسن اظهر پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن جوابدار وٽ وڪيل نه هجي ته ڇا اهو سرڪاري خرچ تي وڪيل حاصل ڪري سگهي ٿو؟ خواجا حارث جواب ڏنو ته اهڙي صورت ۾ حڪومت جوابدار کي وڪيل فراهم ڪندي آهي.
جسٽس مندوخيل چيو هر جوابدار کي عدالت جو پسنديده ٻار سمجهيو ويندو آهي ته ڇا فوجي عدالتن ۾ به جوابدار کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو آهي؟ وڪيل جواب ڏنو ته آرمي ايڪٽ تحت جوابدار کي سمورا قانوني حق ۽ تحفظ فراهم ڪيو ويندو آهي.
جسٽس نعيم اختر چيو ته مان بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور فوجي عدالتن جي فيصلن خلاف اپيلون ٻڌيون ۽ انهن فيصلن ۾ ڪڏهن اهو ناهي لکيو ويندو ته جوابدار ڏوهي آيا نه نه، جڏهن هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ٿيندي آهي ته جي ايڇ ڪيو سمورو رڪارڊ فراهم ڪندو آهي، جنهن ۾ سموري عدالتي ڪارروائي ۽ شاهديون ثابت هونديون آهن.
جسٽس حسن اظهر سوال ڪيو ته جڏهن عام شهري جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل ٿيندو آهي ته ڇا ميڊيا ۽ جوابدار جي گهر ڀاتين کي ان جي ڪارروائي تائين پهچ هوندي آهي؟ وڪيل جواب ڏنو ته قانون ۾ انهن ٻنهي کي پهچ ڏيڻ جو ذڪر آهي پر سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي پهچ ناهي ڏني ويندي.
ٻڌڻي دوران جسٽس نعيم اختر بچاءَ واري وزارت جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته 9 مئي ڪيسن کان هٽي ٻين فوجي عدالتن جي فيصلن جا مثال فراهم ڪيو.
You might also like