پيڪا ايڪٽ سينيٽ مان منظور، ڪاري قانون مان بوٽن جي بوءِ ٿي اچي: ايمل ولي

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ ۾ ميڊيا بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي پريس گيلري ۾ موجود صحافين احتجاج ڪيو ته ان مشاورت نه ڪئي وئي  ۽ واڪ آئوٽ ڪيو. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ دعويٰ ڪئي ته هن بل تي ساڍا 3 سال مشاورت ٿي پر هن اهو واضح نه ڪيو ته اها مشاورت ڪهڙن اسٽيڪ هولڊرن سان ڪئي وئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي صدارت هيٺ جڏهن اجلاس شروع ٿيو ته حڪومت طرفان تيار ڪيل قانون جو مسودو ايوان ۾ پيش ڪيو ويو. بل منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جي رٿ منظور ڪئي وئي ته اپوزيشن ميمبرن مختلف وقتن تي احتجاج ڪيو. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ اهو بل پيش ڪرڻ شروع ڪيو ته اپوزيشن سينيٽرن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. بل جي شق وار منظوري دوران به احتجاج جاري رهيو. بل تي ڪامران مرتضيٰ ترميمون پيش ڪندي چيو ته ڊجيٽل نيشن بل صوبن جي دائري ۾ مداخلت آهي. پي ٽي آءِ جي مخالف ڌر اڳواڻ شبلي فراز چيئرمين جي ڊائس ويجهو اچي سينيٽ سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ٻئي پاسي عوامي نيشنل پارٽي جي سينيٽر ايمل ولي قانون واري وزير جي سيٽ تي پهچي احتجاج ڪيو. سينيٽر ايمل ولي چيو ته پيڪا ايڪٽ ترميمي بل ڪارو قانون آهي، اظهار جي آزادي تي پابندي هنئي پئي وڃي، پيڪا ايڪٽ مان بوٽن جي خوشبو اچي رهي آهي، ان کانپوءِ اي اين پي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري وئي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شبلي فراز چيو ته قانون سازي اسان جو ڪم آهي، قانون صلاح کانسواءِ پاس ڪرايو پيو وڃي، پيڪا ايڪٽ جن بابت آهي، اوهان انهن سان مشاورت ڪريو ها. ان قانون سان سياسي انتقام ۾ زور ايندو، ڪنهن کي به کنيو ويندو، اوهان پيڪا قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. اوهان صحافين سان مشاورت ناهي ڪئي، قانون ائين پاس ناهن ٿيندا، منظوري ۾ مهينا لڳندا آهن. ان دوران پارليامينٽ کي ڪور ڪندڙ صحافين جي تنظيم پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو. شبلي فراز چيو ته پريس واڪ آئوٽ ڪري وئي آهي، پريس ڪا پي ٽي آءِ ناهي، اوهان بنا صلاح جي اهڙو قانون ٺاهي ڇڏيو جنهن جا اثر آهن. تنهن کانپوءِ وفاقي وزير رانا تنوير پيڪا ايڪٽ جي رٿ پيش ڪري ڇڏي ۽ منظور ڪئي وئي جنهن کانپوءِ بل جي شق وار منظوري جو عمل شروع ڪيو ويو. شبلي فراز چيو ته هو هن بل جي حمايت ناهن ڪري رهيا پر وزيرن جون ڳالهيون درست آهن ته ڪوڙ تي ٻڌل خبر پکيڙڻ جي ڪير حمايت نٿو ڪري. بل پيش ڪندڙ وفاقي وزير رانا تنوير چيو ته جيڪڏهن بل ۾ ڪجهه رهجي ويو آهي ته اسان صحافين طرفان تجويز ڪيل ترميم ڪري وٺنداسين. سينيٽر علي ظفر ڊپٽي چيئرمين کي چيو ته اوهان بل تي ڪنهن کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني، اوهان اپوزيشن کي اهميت نٿا ڏيو. ترميمي بل منظور ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سينيٽر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شبلي فراز ايوان مان واڪ آئوٽ ڪرڻ جو چيو پر ميمبر ايوان ۾ موجود رهيا جڏهن ته پيپلزپارٽي ميمبر به ايوان ۾ رهيا ۽ خاموش رهيا.

اسلام آباد/ڪراچي/حيدرآباد/نوابشاهه (م ڊ/نمائندن وٽان) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) ۽ جوائنٽ ايڪشن  ڪميٽي تڪراري پيڪا ايڪٽ خلاف ملڪ گير احتجاج ڪيو. اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا، ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. اسلام آباد ۾ صحافين ڊي چوڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، جنهن دوران پي ايف يو جي صدر افضل بٽ کي پوليس حراست ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. احتجاج ۾ ڪنڊيدار تار لڳڻ سبب ڪيترائي صحافي زخمي ٿي پيا. افضل بٽ چيو ته حڪومت پريس جي آزادي تي حملو ڪري رهي آهي ۽ اسان ڪنهن به حالت ۾ پيڪا ايڪٽ قبول نه ڪنداسين. صحافي ناصر زيدي هن قانون کي صحافت کي گهٽو ڏيڻ برابر قرار ڏنو. لاهور پريس ڪلب آڏو احتجاج دوران صدر ارشد انصاري چيو ته صحافي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جو بائيڪاٽ ڪندا ۽ عدالتن سان رابطو ڪندا. مظاهرين پيڪا ايڪٽ جي فوري خاتمي جو مطالبو ڪيو. ڪراچي ۾ ميڊيا الائنس فار ايڪشن پاران پريس ڪلب اڳيان وفاقي حڪومت طرفان پيڪا قانون ۾ ترميمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ڪي يو جي صدر طاهر حسن خان، پي ايف يو جي اڳواڻ سعيد سربازي، امتياز خان فاران، لالا اسد، ناصر منصور، ۽ قاضي اطهر سميت ٻين ڪئي. احتجاج دوران اڳواڻن پيڪا قانون کي "ڪارو قانون” قرار ڏيندي ان کي صحافين خلاف هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪئي. پي ايف يو جي اڳواڻ مظهر عباس ان کي "سول مارشل لا” قرار ڏيندي چيو ته هي قانون عمران خان جي حڪومت ۾ سندس پارٽي خلاف به استعمال ٿيو. امتياز خان فاران ۽ ٻين اڳواڻن حڪومت تي الزام هنيو ته ميڊيا تنظيمن سان مشاورت کانسواءِ تڙ تڪڙ ۾ قانونسازي ڪئي وئي، جيڪا پريس جي آزادي لاءِ خطرو آهي. اڳواڻن اعلان ڪيو ته صحافي هن قانون خلاف اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جي تياري ڪري رهيا آهن. احتجاج ۾ صحافتي تنظيمن سميت ميڊيا شعبي سان لاڳاپيل شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته ميڊيا جي آزادي کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وينداسين. حيدرآباد ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي ريلي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. صحافين، وڪيلن، ٽريڊ يونينز ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن حيدرآباد پريس ڪلب کان ريڊيو پاڪستان تائين ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي. پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر پيڪا ايڪٽ کي آزاد صحافت تي حملو قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن قانون واپس نه ٿيو ته صحافي جيل ڀريو تحريڪ ۽ پارليامينٽ اڳيان ڌرڻو هڻڻ تي مجبور ٿيندا. ايڇ يو جي صدر محمد وسيم خان چيو ته ترميم پي ايف يو جي جي مشاورت سان ٿيڻ گهرجي. جنرل سيڪريٽري ڄام فريد لاکو چيو ته حڪومت پنهنجا ڪارا ڪرتوت لڪائڻ لاءِ پيڪا ايڪٽ آندو آهي. نوابشاهه ۾ پي ايف يو جي جي سڏ تي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي بخش علي جمالي، جنرل سيڪريٽري ارشد علي شيخ، عزيز الحسن صديقي ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن خطاب دوران پيڪا ايڪٽ کي صحافت خلاف ڪارو قانون قرار ڏيندي چيو ته موجوده حڪومت صحافت کي زنجيرون پارائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا ڪنهن صورت قبول نه ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.