تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي غزا جنگبندي کي اسرائيل جي شڪست قرار ڏئي ڇڏيو.
تهران ۾ ايراني اختيارين سان ملاقات ۾ آيت الله خامنه اي چيو ته ننڍڙي غزا صيهوني حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ هٿيارن سان ليس صيهوني حڪومت کي غزا ۾ جنگبندي ڪرڻي پئي، توڙي جو ان کي آمريڪا جي حمايت به حاصل هئي.
هن چيو ته اهو مزاحمت جو ڪمال آهي، اسان ڄاڻون ٿا ته سفارتڪاري جي جي مرڪن پويان اندروني دشمنيون ۽ بدنيتي لڪل هوندي آهي، پنهنجون اکيون کوليو ۽ محتاط رهو ته اسان ڪنهن سان ملندا آهيون، ڪنهن سان ڳالهيون ڪندا آهيون.
ننڍڙي غزا آمريڪي حمايت باوجود اسرائيل کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو: آيت الله خامنه اي
Next Post
You might also like