آمريڪا ۾ هٿرادو قيامت جي گهڙي کي اپ ڊيٽ ڪيو ويو، اها گهڙي دنيا کي پيش خطرن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي.
قيامت جي ان هٿرادو گهڙي کي 1947 ۾ ٺاهيو ويو هو، اها گهڙي بليٽن آف دي ايٽامڪ سائنٽسٽس طرفان ٺاهي وئي هئي.
گهڙي جو وقت ٻڌائيندو آهي ته جوهري هٿيارن، موسمياتي تبديلين ۽ ٻين خطرن سبب دنيا تباهي جي ويجهو آهي.
گهڙي جو مقصد سڄي دنيا جي ماڻهن ۾ زندگين کي پيش خطرن بابت شعور اجاڳر ڪرڻ آهي، آمريڪا ۾ موجود هٿرادو قيامت جي گهڙي جو وقت اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته آمريڪي رياست ڪيليفورنيا هن وقت سخت باهه ۾ وڪوڙيل آهي ۽ اتي وڌيڪ 5 جاين تي باهه ڀڙڪي پئي آهي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ 50 هزار ماڻهن کي لڏپلاڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
Next Post
You might also like