هڪ نئين تحقيق مان اها خبر آهي ته ڪنهن شخص جي چيلهه جي ويڪر ان جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ جو اشارو ڏئي ٿي.
هي تحقيق 3 لک 15 هزار ماڻهن تي ڪئي وئي آهي۔
هن تحقيق مان اهو پڻ سامهون آيو آهي ته گهڻي وزن وارا مرد ۽ عورتون جن جي چيلهه جي سائيز وڌيڪ آهي، انهن ۾ ڪينسر ٿيڻ جو خطرو 11 سيڪڙو تائين وڌيڪ هجي ٿو. ، ڀلي اھي ورزش ڪن ٿا يا نه۔
اهڙي ريت اهي ماڻهو جن جي چيلهه جي سائيز گهٽ آهي، پر اهي صحت جي عالمي اداري طرفان ڏنل ورزش جي هدايتن تي عمل نه ٿا ڪن ته انهن ۾ ڪينسر جو خطرو 4 سيڪڙو وڌيڪ آهي۔
هن تحقيق موجب ڪينسر جو خطرو ان وقت وڌي ٿو جڏهن مردن ۾ چيلهه جي سائيز 40 انچ ۽ عورتن ۾ 35 انچ ٿي وڃي، جيڪا صحت جي عالمي اداري طرفان تجويز ڪيل سائز آهي۔
صحت جي عالمي اداري هڪ هفتي ۾ 150 کان 300 منٽ تائين وچولي قسم جي ورزش يا 75 کان 150 منٽ سخت ورزش تجويز ڪئي آهي، يا انهن ٻنهي کي گڏائي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.
وچولي ورزش ۾ تيز تيز هلڻ، سائيڪلنگ ۽ بيڊمينٽن کيڏڻ شامل آهي، جڏهن ته سخت ورزش ۾ هائڪنگ (پيدل هلڻ)، جاگنگ، بيلچا هلائڻ، تيز سائيڪلنگ، فٽ بال، باسڪيٽ بال ۽ ٽينس کيڏڻ شامل آهن۔
جرمني جي يونيورسٽي آف ريگنزبيرگ ۾ هي تحقيق انهن ماڻهن تي ڪئي وئي جيڪي صحت جي عالمي اداري جي چيلهه جي سائيز ۽ ورزش جي مقرر ڪيل معيارن تي پورا لهندا هئا ۽ انهن جو مقابلو انهن ماڻهن سان ڪيو ويو، جيڪي ان جي مخالف هئا۔