ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا راکي ساونت ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي پاڪستان وڃڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
راکي ساونت پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ هوءَ سوٽ ڪيس کنيو ايئرپورٽ تي موجود آهي.
وڊيو ۾ راکي ساونت ڌمڪي ڏيندي چيو ته ” وزيراعطم مودي جي جيڪڏهن ڀارت ۾ ٽِڪ ٽاڪ تان پابندي نه هٽائي وئي ته مان پاڪستان هلي وينديس، پاڪستان وڃي شادي ڪري ڇڏينديس.“
راکي ساونت چيو ته سڄي دنيا ٽِڪ ٽاڪ ذريعي پئسا ڪمائي رهي آهي، ڀارت ۾ ماڻهو بيروزگار ويٺا آهن، مودي جي اوهان به ٽرمپ وانگر ٽِڪ ٽاڪ تان ختم ڪيو.
وڊيو پيغام ۾ راکي پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي چيو ته هوءَ پاڪستان اچي رهي آهي ۽ هانيا عامر جي گهر ۾ ساڻس گڏ رهڻ چاهي ٿي.
راکي چيو ته ”مان پاڪستان جي سڀ کان وڏي سپر اسٽار هانيا، نرگس ۽ ٻين سان ملڻ چاهيان ٿي، انڪري پاڪستان اچي رهي آهيان.“
واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي راکي ساونت ۽ هانيا عامر وچ ۾ دلچسپ وڊيوز پيغامن جي ڏي وٺ جو سلسلو جاري آهي جنهن مان واهپيدار پڻ لطف اندوز ٿي رهيا آهن.
راکي جي وڊيو تي واهپيدارن هانيا کي صلاح ڏني ته ”هانيا راکي پاڪستان اچي رهي آهي تون پاڪستان مان هلي وڃ.“
هانيا عامر به راکي جي وڊيو پيغام تي جواب ڏيندي چيو ته ” مان رڳو اِهو چوڻ چاهيان ٿي ته پهريان منهنجي زندگي ڏاڏي غمگين هئي ۽ پوءِ منهنجي زندگي ۾ راکي ساونت آئي، راکي جي! مان اوهان جو ايئرپورٽ تي اوسيئڙو ڪنديس.“