راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ افغانستان مان دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 6 خارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب 23/22 جنوري جي رات خارجي دهشتگردن جو هڪ گروپ پاڪ – افغان سرحد تان دراندازي جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز زوب ضلعي جي علائقي سمبازا ۾ ٽريس ڪيو ۽ اثرائتي طريقي سان خارجي دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به برآمد ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان افغانستان جي عبوري حڪومت کان اهو مطالبو ڪندو رهيو آهي ته سرحد تي اثرائتي بارڊر مينيجمينٽ يقيني بڻائي وڃي، اميد ته افغانستان جي عبوري حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي.
Next Post
You might also like