اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا پنهنجي ليڊر سان سچا ناهن.
پي ٽي آءِ طرفان حڪومت سان ڳالهين کان انڪار تي ردعمل ڏيندي خواجا آصف چيو ته ڳالهيون ڪندڙن کي پاڻ به خبر هئي ته ڪو نتيجو نه نڪرندو، پي ٽي آءِ وارا ڪنهن به ڳالهه تي مخلص ناهن، اهي پنهنجي ليڊر سان ئي سچا ناهن.
هن چيو ته ڳالهين کان انڪار جو ڪو بنياد ناهن، اهي ڇا جي جڊيشل ڪميشن چاهين ٿا، جن کي سزائون ٿيون، انهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو.
سندس چوڻ هو جڏهن مان قيد ۾ هيس ته مون کي بس هڪ ڪمبل ڏنو ويو هو، اسان جي سڄي ليڊرشپ کي قيد ڪيو ويو پر اسان ملڪ جي نقصان جو نه سوچيو.
You might also like