سنڌ جو پاڻي اسان لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي: شرميلا فاروقي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي سنڌ ۾ پاڻي مسئلي کي اجاڳر ڪندي چيو آهي ڪڏهن ڪڏهن ته مڙهه کي غسل ڏيڻ لاءِ به پاڻي ناهي هوندو.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شرميلا فاروقي چيو ته سنڌو درياهه ۾ هونئن ئي پاڻي گهٽ آهي، ڪينال ته ڪڍيا پيا وڃن پر پاڻي ڪٿان ايندو؟ سنڌ جو پاڻي اسان لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي.
هن چيو ته پاڻي جو مسئلو اڄ جو ناهي پر شروع کان هلي رهيو آهي، اسان پنهنجو ڪيس گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو آهي، سنڌو مان پاڻي کنيو ويو ته سنڌ سڪي ويندي، فارمولي تحت به هر سال گهٽ پاڻي ملندو آهي.
سندس چوڻ هو ته بنا سوچي سمجهي فيصلو ڪيو ويو ته چولستان کي سرسبز بڻائڻو آهي، حڪومت سي سي آءِ اجلاس نه پئي گهرائي، اسان اتحادي آهيون پر لڳي ٿو حڪومت کي خبر ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.