ڊيووس (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ريٽنگ ايجنسيون ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان جي ريٽنگ اپ گريڊ ڪنديون.
ڊيووس ۾ هڪ انٽرويو ۾ محمد اورنگزيب چيو ته ٻن ادارن سان اسان ٽرم شيٽ تي صحيحون ڪرڻ ۾ اڳتي وڌيا آهيون، انهن ۾ هڪ ٻه طرفو ۽ ٻيو واپاري قرض آهي.
هن چيو ته اهي قرض ننڍي مدي لاءِ آهن، جيڪي ملڪي فنانسنگ پوري ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندا.
سندس چوڻ هو ته حڪومت وچ اوڀر جي ٻن بينڪن سان 6 کان 7 سيڪڙو وياج جي شرح تي هڪ ارب ڊالر قرض جي شرطن تي اتفاق ڪيو آهي.
محمد اورنگزيب چيو ته ريٽنگ ايجنسين مان پاڪستان لاءِ سنگل بي ريٽنگ جي اميد ڪئي پئي وڃي، ريٽنگ ايجنسيون ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان جي ريٽنگ اپ گريڊ ڪنديون.
You might also like