زرداري،نواز ۽ عمران خان کي به ملڪ رياض نوازيو؟

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا)ملڪ رياض جا اسٽيبلشمينٽ سان سٺا لاڳاپا هئا آخر اهڙو ڇا ٿي ويو؟ هو ته نيب چيئرمين پاڻ لڳرائيندو  هو،هاڻي نيب هن خلاف هڪ سخت قسم جو بيان جاري ڪيو آهي،اهو به حيرت جوڳو آهي ته ملڪ رياض پنهنجي پاڻ،ڪاروبار کي داءُ تي لڳائڻ تي ڪيئن تيار ٿي ويو؟هڪ دور ملڪ رياض کي نوازشريف کان استعيفيٰ وٺڻ لاءِ ڊي جي آءِ ايس آءِ موڪليو هو،هن جون آصف زرداري،نوازشريف،سول ملٽري ڪاموراشاهي سان دوستيون رهيون آهن،هن بحريا ٽائون ۾ رٽائرڊ ميجر جنرلن،برگيڊيئرن،ڪرنلن کي نوڪريون ڏئي رکيون آهن هو ڪنگ ميڪر بڻجي حڪومتون ٺاهيندو رهيو آهي،زرداري کي خوش ڪرڻ لاءِ هن لاهور ۾ بلاول هائوس ٺاهي ڏنو،پوءِ نوازشريف کان اتفاق فائونڊيز جي ورتل زمين تي هائوسنگ سوسائٽي به ٺاهي،اهي به خبرون آهن ته نوازشريف هن کي مجبور ڪيو ته لنڊن ۾ سندس پٽن جا فليٽ هو مهانگي اگهه تي خريد ڪري،آخري رهجي ويو عمران خان ان کي به هن نوازيو،هن وقت هو عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهه ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ساٿاري ٿيڻ کان انڪاري آهي،نيب پاران ٻه سينئر صحافي دبئي موڪلي واعده معاف گواهه بڻجڻ جو چيو ويو پر ملڪ رياض عمران خان خلاف گواهه ٿيڻ کان انڪاري آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 22 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.