ٽه ملڪي سيريز جو شيڊيول تبديل

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي ون ڊي سيريز لاءِ ڪراچي ۾ شيڊيول آخري ميچ ۽ فائنل جي تاريخ ۾ تبديل ڪئي وئي آهي.
پي سي بي ذريعن موجب، اڻويهين فيبروري کان شروع ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ شيڊيول ٽه ملڪي سيريز جي آخري ميچ هاڻي 13 فيبروري تي کيڏي ويندي جڏهن ته فائنل 15 فيبروري تي ٿيندو.
ان کان اڳ سيريز ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ آخري ميچ 12 فيبروري تي ٿيڻي هئي، جڏهن ته فائنل 14 فيبروري تي شيڊيول هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.