سينيئر صحافي فياض سولنگي جي آزادي لاءِ لاڙڪاڻي ۾ قلم ڌڻين جو احتجاج

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) سنڌ صحافي سنگت ۽ قائد عوام پريس ڪلب لاڙڪاڻو طرفان ھڱورجا جي سينيئر صحافي فياض سولنگي جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.
قلم ڌڻين عبدالوحيد ابڙو، انور علي ابڙو بختيار بگٽي، عبدالھادي ڀنگر، حسين بخش ابڙو، مجاھد علي ڪهلوڙو، امير بخش لاڙ، محمد موسيٰ مستوئي، امان الله کوسو، اياز حسين چانڊيو، عمران گراماڻي، منصور موريو، عبدالمجيد اوڍاڻو، سرائي فراز شيخ، حاجن ڪوريجو، ڪامران ڏيٿو، ثناءُ الله چانڊيو، غلام رسول چانڊيو، آغا نعيم، اڪبر ابڙو، عمران علي دايو، اڪبر سنڌي، ساجد علي شيخ، عبدالفتاح چنه، سائل عباس سولنگي، عبدالنبي چانڊيو، جاني جمالي، نظير احمد ٿهيم، عبدالنبي سومرو، عرفان علي ابڙو، عرفان علي ڀنگوار ۽ ٻين چيو ته صحافي حق ۽ سچ جو آواز آهي، سنڌ ۾ صحافين جو قتل عام، مٿن تشدد، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت کين اغوا ڪيو پيو وڃي.
هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فياض حسين سولنگي کي جلد کان جلد آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.