آءِ ايم ايف پاڪستان جي معاشي اوسر جي شرح جو هدف 3.2 مان گهٽائي 3 سيڪڙو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) هلندڙ مالي سال پاڪستان جو معاشي اوسر جي شرح جو هدف حاصل نه ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.
آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ عالمي مالياتي فنڊ هلندڙ مالي سال لاءِ پاڪستان جي معاشي اوسر جي شرح جي ڪاٿي تي نظرثاني ڪندي ان کي 3.2 سيڪڙو مان گهٽائي 3 سيڪڙو ڪري ڇڏيو.
آءِ ايم ايف هلندڙ مالي سال پاڪستان جو معاشي اوسر جي شرح جو هدف حاصل نه ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو آهي پر گذريل سال جي ڀيٽ ۾ معاشي اوسر جي شرح ۾ واڌ جي اڳڪٿي به ڪئي وئي آهي.
آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال معاشي اوسر جي شرح 4 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال اها 2.5 سيڪڙو هئي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي اوسر جي شرح 3 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پاڪستان هلندڙ مالي سال لاءِ معاشي اوسر جي شرح جو هدف 3.6 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي.
آڪٽوبر 2024 ۾ آءِ ايم ايف هلندڙ مالي سال لاءِ پاڪستان جي معاشي اوسر جي شرح جو ڪاٿو 3.2 سيڪڙو لڳايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.