ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر چيمپيئنز ٽرافي ۽ انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز لاءِ شروعاتي ڀارتي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارت جي 15 رڪني اسڪواڊ ۾ ڪجهه وڏيون تبديليون ڪيون ويون آهن، جن ۾ نوجوان بيٽر شُڀمَن گِل کي نائب ڪپتان بڻائڻ ۽ فاسٽ بالر محمد سراج کي ٽيم مان ڊراپ ڪرڻ شامل آهي.
ويجهڙ ۾ آسٽريليا جي دوري دوران محمد سراج ڀارتي فاسٽ بالنگ اٽيڪ جو اهم حصو رهيو، پر هو ايندڙ مهيني پاڪستان جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ٽيم جو حصو نه هوندو.
چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر ڇنڇر جي ڏينهن اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي ڪپتان روهت شرما موجود هو، جڏهن ته هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير اهم ڪانفرنس ۾ غير حاضر رهيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گوتم گمڀير رانديگرن جي چونڊ بابت پنهنجي راءِ بابت ڪپتان ۽ سليڪٽرز اڳواٽ ئي آگاهه ڪري چڪو آهي.
سليڪٽرز فاسٽ بالر جسپريت بُمرا کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي پر سندس پليئنگ اليون ۾ شموليت فٽنيس سان مشروط هوندي.
انگلينڊ خلاف سيريز کان اڳ مڪمل فٽ نه هئڻ سبب ھرشِت رانا کي بُمرا جي بيڪ اپ طور شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته جسپريت بُمرا کي بارڊر-گواسڪر ٽرافي جي پنجين ٽيسٽ دوران چيلهه ۾ تڪليف جي مبتلا ٿي ويو هو .
ان کانسواءِ ويجهڙائي ۾ انجري جو شڪار ٿيندڙ فاسٽ بالر محمد شامي ۽ ليگ اسپنر ڪُلديپ يادو جي پڻ ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.
اڻويهه فيبروري کان نوَ مارچ تائين پاڪستان ۽ گڏيل عرب رياستن ۾ جاري رهندڙ ٽورنامينٽ لاءِ پندرنهن رُڪني ڀارتي اسڪواڊ جي قيادت روهت شرما ڪندو، ٻين رانديگرن ۾ ويرات ڪوهلي، رويندرا جاڙيجا ، هاردِڪ پانڊيا، جسپريت بمرا ڪي ايل راهول، شُڀمَن گِل، يشسوي جئسوال شامل آهن.
ان کانسواءِ شرياس ائير، رشڀ پنت، ، رويندرا جاڙيجا، اڪشر پٽيل، واشنگٽن سُندر، ڪُلديپ يادو، محمد شامي ۽ ارشديپ سنگهه به اسڪواڊ جو حصو آهن.
ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ انگلينڊ خلاف 6، 9 ۽ 12 فيبروري تي ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي، جيڪا ڀارتي ٽيم جي گذريل سال سريلنڪا جي دوري کانپوءِ پهرين ون ڊي سيريز آهي.
ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي جي گروپ اي ۾ شامل آهي جنهن ۾ پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جون ٽيمون به موجود آهن.
ميگا ايونٽ ۾ ڀارتي ٽيم جي پهرين ميچ بنگلاديش سان 20 فيبروريءَ تي شيڊيول آهي، ٽورنامينٽ جو سڀ کان وڏو دنگل 23 فيبروري ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندو، جڏهن ته 2 مارچ تي ڀارت گروپ جي ٽِين ميچ ۾ نيوزيلينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندو.
ڀارتي حڪومت طرفان پاڪستان وڃڻ جي اجازت نه ملڻ سبب ڀارتي ٽيم جون سڀ ميچون دبئي ۾ رکيون ويون آهن.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ فائنل اسڪواڊ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 11 فيبروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.