لنڊن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ قيد پاڪستاني نيووروسائنٽسٽ ڊاڪٽر عافيه صديقي اميد ظاهر ڪئي آهي ته سندس خلاف ڪيسن بابت نوان ثبوت سامهون اچڻ کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويندو.
برطانوي خابرو اداري موجب، ڊاڪٽر عافيه صديقي اِها ڳالهه پنهنجي وڪيل جي ذريعي چئي، هن پنهنجي بيگناهي جو دعويٰ ڪندي چيو ته کيس اميد آهي ته هن کي وساريو نه ويندو ۽ هڪ ڏينهن هن کي آزاد ڪيو ويندو.
هن چيو ته ”مان ناانصافي جو شڪار آهيان، هر ڏينهن عذاب آهي، انشاءَ الله هڪ ڏينهن مان هن اذيت مان آزاد ٿي وينديس.“
ڊاڪٽر عافيه صديقي جي وڪيل ڪلايو اسٽافورڊ سمٿ، آمريڪي صدر جو بائيڊن کان پنهنجي اصيل کي معافي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ کيس 76 هزار 500 لفظن تي ٻڌل هڪ ڊوزيئر به پيش ڪيو آهي.
صدر جو بائيڊن وٽ درخواست تي غور ڪرڻ لاءِ سومر تائين جو وقت آهي،ڇو ته ان کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر جي عهدي جو حلف کڻندو.
واضح رهي ته هنيئر تائين بائيڊن 39 ماڻهن کي صدارتي معافي ڏئي چڪو آهي ۽ 3 هزار 989 ماڻهن جي سزا گهٽائي وئي آهي.
عافيه صديقي جي وڪيل شاهدن ۽ ثبوتن جو حوالو ڏنو آهي جيڪي ڪيس جي ٻڌڻي دوران دستياب نه هئا ۽ دعويٰ ڪئي آهي ته انٽيليجنس غلطين سبب ڊاڪٽر صديقي کي شروع ۾ شڪي قرار ڏنو ويو.
هن الزام لڳايو ته جڏهن ڊاڪٽر صديقي 2003ع ۾ پاڪستان جي دوري تي هئي،کيس ملڪ جي انٽر سروسز انٽيليجنس ايجنسي( آءِ ايس آءِ) ٽن ٻارن سان گڏ گرفتار ڪري سي آءِ اي جي حوالي ڪيو، جنهن کانپوءِ کيس افغانستان ۾ بگرام ايئر بيز منتقل ڪيو ويو.
وڪيل چيو ته آمريڪي انٽيليجنس ادارن غلط اندازو لڳايو، جڏهن ته ايجنسيون سمجھنديون هيون ته ڊاڪٽر صديقي هڪ نيوڪليئر فزيڪسٽ آهي ۽ ريڊيو ايڪٽو بم ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ هنن تعليم ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هئي.
ٻئي پاسي آمريڪي انصاف واري کاتي ڊاڪٽر صديقي بابت سڀني الزامن بابت برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ تي ردعمل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
هوڏانهن سي آءِ اي به اڃا تائين ان معاملي تي جو باظابطا بيان جاري ناهي ڪيو.
You might also like