واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما طلاق جي افواهن کانپوءِ پنهنجي گهرواري مشعل سان گڏ خوشگوار موڊ ۾ نئين تصوير جاري ڪري ڇڏي.
باراڪ اوباما اڳوڻي خاتون اول جي 61هين سالگرهه جي موقعي تي مشعل اوباما کي پنهنجي زندگي جي محبت قرار ڏنو.
واضح رهي ته گذريل ڪجهه مهينن دوران ڪيئي اهم موقعن تي باراڪ اوباما اڪيلو نظر آيو، اڳوڻي آمريڪي صدر جمي ڪارٽر جي آخري رسمن ۾ به مشعل اوباما شرڪت نه ڪئي هئي.
آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ٽرمپ جي حلف برداري تقريب ۾ به مشعل شرڪت نه ڪندي.
افواهن جي بازار گرم ٿيڻ تي اوباما تصوير جاري ڪري لکيو ته مشعل جنهن جڳهه تي هوندي، اُها گرمجوشي، ذهانت، مسڪراهٽن ۽ شائستگي سان ڀرپور هوندي.