پي آءِ اي پائيلٽ جي سنگين غفلت، غلط رن وي تي جهاز لاهي ڇڏيائين

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن (پي آءِ اي) جي پائليٽ جي مبينا غفلت ۽ لاپرواهي مسافرن جي جانين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو.
ذريعن موجب ، پائليٽ دمام کان ملتان لاءِ اُڏام ڀريندڙ پي ڪي 150 کي غلط رن وي تي لاهي ڇڏيو، ملتان ۾ موسم جي خرابي ۽ ڪوهيڙي سبب اُڏام جو رخ لاهور ايئرپورٽ ڏانهن موڙيو ويو هو.
ڪپتان، مرڪزي رن وي تي لينڊنگ ڪرڻ بدران، رن وي نمبر 36 ايل تي جهاز کي لاٿو، جڏهن ته لينڊنگ دوران رن وي جون لائٽون به بند هيون.
سنگين غفلت ۽ لاپرواهي تي پي آءِ اي انتظاميا ڪپتان ۽ فرسٽ آفيسر کي گرائونڊ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
پي آءِ اي ترجمان موجب، لاڳاپيل پائليٽ ۽ فرسٽ آفيسر خلاف ڪارروائي شروع ٿي چڪي آهي ۽ انڪوائري مڪمل ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.