مٺي، ذائقيدار ۽ خوشبودار، وڻندڙ ۽ سستي سوپاري حقيقت ۾ مُٺو زهر آهي.
سوپاريون گهڻي قدر وڻندڙ ۽ بهترين پيڪنگز ۾ آنديون وينديون آهن جيڪي هر هنڌ سولائيءَ سان ملي سگهن ٿيو، مٺيون سوپاريون مٺاڻ ۽ خوشبو هجڻ ڪري نه رڳو ننڍي ٻارن پر وڏن لاءِ به مائوٿ فريشنر طور استعمال ٿينديون آهن، پر ڪيترائي ماڻهو انهن جي حقيقت کان اڻواقف هوندا.
ڏسڻ ۾ ننڍيون ۽ تفريح توڙي فيشن طور استعمال ڪيون ويندڙ سوپاريون وات ۽ صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ اثر ڇڏينديون آهن.
سپاري ۾ استعمال ٿيندڙ داڻا اهڙي ته خراب معيار جا هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن فنگس ۽ ننڍن نقصانڪار جراثيمن سان ڀريل هجڻ ڪري انساني استعمال لاءِ نامناسب هجن ٿا.
پيسو ڪمائڻ جي ڪري هن سپاري کي پرڪشش ۽ مزيدار بڻائڻ لاءِ مٺاڻ ۽ رنگن جو استعمال ڪيو ويندو آهي پر ان سان لاڳاپيل صحت جي خطري کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. سوپاريون عادت وڌائڻ سان گڏ موتمار بيمارين ۾ مبتلا ڪنديون آهن.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي صحت جي ماهر ڊاڪٽر صدف ٻڌايو ته مٺي سپاري ۾ "آرڪولين” نالي ڪيميڪل مادو هوندو آهي، جيڪو هوڙن جي سوڄ جو سبب بڻجي ٿو. شروعاتي طور تي وات ۾ زخم ۽ السر پيدا ڪندو آهي، جيڪو وري "اورل سب ميوڪوس فبروسس” نالي بيماري ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. ان بيماري ۾ وات صحيح طريقي سان نه کُلي سگهندو آهي، جنهن سان غذائي کوٽ پيدا ٿئي ٿي. خاص طور تي ٻار جڏهن صحيح کاڌو نه کائي سگهندا آهن ته جسماني طور ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ مختلف بيمارين جو شڪار ٿيندا آهن.
سوپاريون وڏي ماڻهن ۾ خطرناڪ ڪينسر جو سبب بڻجي سگهن ٿيون ۽ جيڪڏهن بروقت علاج نه ڪرايو ويو ته موت به ٿي سگهي ٿي.
ان کانسواءِ مٺي سوپاري استعمال ڪندڙن جا ڏند ۽ زبان ڪمزور ٿي وڃن ٿا، جنهن سان ساڙو ۽ تڪليف عام ٿي ويندي آهي، خاص ڪري جڏهن مصالحي وارين شين جو استعمال ڪيو ويندو آهي.
مٺي سوپاري جي استعمال جا اها ائين ئي معمولي نظر ايندڙ شيءِ اصل ۾ هڪ خاموش قاتل آهي، جنهن کان پاڻ ۽ پنهنجي ٻارن کي محفوظ رکڻ ضروري آهي.