ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مشهور فلمساز ۽ هدايتڪار ڪرن جوهر پنهنجي مزاحيه بيانن ۽ دلچسپ انداز لاءِ ڄاتو وڃي ٿو.
ويجڙ ۾ هن انسٽاگرام اسٽوريز تي پنهنجي ”ريليشن شپ اسٽيٽس“ بابت دلچسپ انڪشاف ڪيو.
ڪر جوهر چيو” مان انسٽاگرام سان ڊيٽ ڪري رهيو آهيان! هو منهنجي ڳالهيون ٻڌي ٿو، منهنجا خواب پورا ڪري ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن بل به ادا ڪري ٿو.“
سندس ان مزاحيه تبصري مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو ۽ سوشل ميڊيا تي ان بيان کي تمام گهڻي موٽ ملي رهي آهي.
You might also like