ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي بلديات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سوشل ميڊيا، ڪجهه نجي چينلز ۽ هڪ اخبار شاهراهه ڀٽو بابت اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ان جو پهريون مرحلو مڪمل ناهي ٿيو. اهو سراسر غلط ۽ بي بنياد آهي. ايئرپورٽ کان شاهه فيصل ڪالوني ذريعي شاهراهه ڀٽو کان قيوم آباد ۽ ڪورنگي کان شاهراهه ڀٽو تائين اچڻ ۽ وڃڻ وارا سڀ داخلي ۽ خارجي رستا مڪمل طور تي کليل آهن. هڪ بند رستي کي بنياد بڻائي جيڪا تنقيد ڪئي پئي وڃي، اها دراصل اهو پوائنٽ آهي جيڪو قائدآباد ۽ ايم نائين کي ڳنڍڻ وارو آهي، جتي اڃا ڪم جاري آهي ۽ اهو ٻيو ۽ ٽيون مرحلو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، سعيد غني چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي (شاهراهه ڀٽو) ڪراچي جي عوام لاءِ هڪ بهترين منصوبو آهي هن ٻڌايو ته مون پاڻ معائنو ڪيو ۽ رستي جي ڪناري لڳايل ريلنگ جا ڪجهه نٽس ۽ بولٽس ٺيڪ نه هئا، جن کي درست ڪيو ويو. باقي ڪا به تعمير ان مرحلي ۾ نه ٿي رهي آهي. سعيد غني چيو ته ان شاهراهه تي رستن جي نشاندهي انٽرنيشنل ۽ موٽر وي طرز تي ڪئي وئي آهي. پهريون ڀيرو سفر ڪندڙن کي سمجهه ۾ نٿو اچي، جنهن تي مون پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي واضح بورڊ لڳائڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. سعيد غني ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪندڙن کي تنقيد کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني ۽ چيو ته ڪوڙي معلومات سان عوام کي پريشان نه ڪيو وڃي. هن موٽر سائيڪلن تي سفر کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته اها تيز رفتار شاهراهه آهي ۽ حادثن کان بچڻ لاءِ احتياط ضروري آهي. سعيد غني چيو ته اسان هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ ان سسٽم کي مڪمل طور تي آن نه ٿا ڪريون ته جيئن ماڻهو ان سان واقف ٿي وڃن، نه ته ميڊيا وارا ان تي واويلا ڪندا. هن چيو ته اسين موٽر سائيڪلن ۽ رڪشا خلاف سختي ڪنداسين، جنهن جو مقصد انهن جون زندگيون بچائڻ هوندو ۽ ٻي ڪا غرض نه هوندي. سعيد غني چيو ته شاهراهه ڀٽو تي 1122 جون ايمبولينسون، پوليس موبائلز ۽ خانگي سيڪيورٽي پڻ مقرر ڪئي پئي وڃي.