قوم جي امن خلاف هر سازش جو سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏبو: آرمي چيف

پشاور(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير هڪ ڀيرو ٻيهر دشمنن خلاف سختيءَ سان منهن ڏيڻ واري عزم جو اظهار ڪيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پشاور جي دوري دوران خيبرپختونخواهه جي مختلف سياسي پارٽين اڳواڻن ۽ سياستدانن سان ملاقات ڪئي.

ان دوران سياستدانن سان ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته قوم جو امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو منهن ٽوڙ ۽ طاقتور جواب ڏنو ويندو.

هن چيو ته دشمن رڳو نقصان ئي ڀوڳيندا رهندا ۽ انهن جي نقصان ڏيڻ واري صلاحيت ئي ختم ٿي ويندي، اسان جو دشمن اختلاف ۽ خوف جو ٻج ڇٽي سگهي ٿو پر اسان پوئتي نه هٽنداسين، دشمن قوتن جو مضبوط هٿن سان منهن ڏنو ويندو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي ان دوري دوران هاڻي سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ خارجي فتني خلاف هلندڙ دهشتگردي ٽوڙي آپريشنز تي تفصيلي بريفنگ به ڏني وئي.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور به اهڙي بريفنگ ۾ موجود هئا.

شرڪت ڪندڙن دهشتگردي جهڙي لعنت سان منهن ڏيڻ لاءِ هڪ سياسي آواز ۽ عوامي حمايت جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.