ڊاريڪٽر جنرل ”ايس بي سي اي“ جا مختلف منصوبن واري هنڌ اوچتا دورا، ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر عبدالرشيد سولنگي ضلعي اوڀر ۾ تعمير ٿيندڙ پبلڪ سيل منصوبن جي سائيٽن جا اوچتا دورا ڪيا. ڊاريڪٽر ايس بي سي اي هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.

سنڌ بلنڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊاريڪٽر جنرل عبدالرشيد سولنگي عوامي شڪايتن تي ضلعي اوڀر ۾ هلندڙ مختلف ترقياتي منصوبن جا اوچتا دورا ڪيا آهن. ڊي جي ”ايس بي سي اي“بلڊرن کي سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل قانونن تي عمل ڪرڻ جي سخت هدايت ڪندي ڀڃڪڙيون ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي.

سنڌ حڪومت جي خاص هدايتن تحت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي)طرفان ”ڪيو آر ڪوڊ“ متعارف ڪرايو هو جنهن جو مقصد هلندڙ اڏاوتي منصوبن کي پلان تحت اڏاوتي منظوري ۽ خريد توڙي وڪري بابت عوام کي بڪنگ کان اڳ مڪمل ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي.

جنهن کي هڪ ڪوڊ جي صورت ۾ پروجيڪٽ واري هنڌن تي لڳائڻ لاءِ بلڊرن ۽ ڊولپرز کي پابند ڪيو ويو آهي ته جيئن پروجيڪٽ ۾ منظور ڪيل پلان موجب اڏاوتن خلاف توڙي الاٽيز ۽ بلڊرز وچ ۾ ڏيتي ليتي بابت قانوني معاهدن جي ڀڃڪڙين جو خاتمو آڻي سگهجي.

ان سان گڏ جاري اڏاوتن واري سائيٽس تان اڏاوتي مواد کي فوري طور تي پڻ هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو جڏهن ته ڪجهه منصوبن ۾ اڏاوتي مواد اڳتي ڊمپ ڪيو ويو هو جنهن کي هٽائڻ لاءِ اڄ اختيارين پاران بلڊرن ۽ آفيسرن کي سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ان حوالي سان حڪم نه مڃڻ جي صورت ۾ اهڙن منصوبن کي سيل ڪرڻ ڌمڪي به ڏني وئي آهي.

اهڙي ئي سلسلي ۾ ٿيندڙ ڀڃڪڙين واري عوامي شڪايتن تي ڊاريڪٽر ايس بي سي اي عبدالرشيد سولنگي سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ پاڻمرادو طور هلندڙ منصوبن جا اوچتا دورا ڪيا ۽ اهڙيون ڀڃڪڙيون ڪندڙ بلڊرن کي ”ڪيو آر ڪوڊ“ بابت خبردار ڪيو.

ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لاڳاپيل ڊاريڪٽرن کي ڀڃڪڙيون ڪندڙ منصوبن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت به ڏني وئي آهي.

ڊاريڪٽر جي دوري دوران لاڳاپيل آفيسر به ساڻس گڏ هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.