امباني کان به مهانگي! ڪهڙي مشهور شخصيت وٽ وائڙو ڪندڙ اگهن واري واچ آهي؟

فيس بڪ ۽ ميٽا جا باني، چيئرمين ۽ سي اي او مارڪ زڪر برگ جي ٻانهن تي مهانگي واچ گوريبل فورسي هينڊ ميڊ 1 خبرن جي زينت بڻجي وئي آهي.

اها هڪ انتهائي ناياب سوئس شاهڪار واچ آهي، جنهن جي قيمت تقريبا 10 لک ڊالر (تقريبا 28 ڪروڙ پاڪستاني رپيا) آهي. جڏهن زڪربرگ پنهنجي اداري بابت نئين پاليسي جو اعلان ڪيو، جيڪو وڌيڪ اهم هو، پر ان جي اها قيمتي واچ ان اعلان کان وڌيڪ ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي ۽ ان بابت انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن ۾ بحث شروع ٿي ويو.

ان کان اڳ زڪربرگ اننت امباني جي 8.5 ڪروڙ رپين واري واچ کي ساراهيو، پر هاڻي هن پاڻ ئي امباني کي به پوئتي ڇڏيو آهي، جنهن تي انٽرنيٽ واهپيدارن ۾ دلچسپ بحث جاري آهن.

گوريبل فورسي هينڊ ميڊ 1 واچ اصل ۾ اعليٰ طبقن جي لگزري ۽ ڪرافٽسمن شپ جو نمائندو آهي. اها هڪ آرٽ ورڪ آهي ۽ ان کي ٺاهيندڙ سوئس ڪمپني اهڙي واچ تمام ٿوري انگ ۾ تيار ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.