سنڌ حڪومت جو سرڪاري اسڪولن ۾ ھنري تعليم بابت اهم فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ ھنري تعليم روايتي تعليمي نظام وانگر پڙھائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جو چوڻ آهي ته اهو قدم ٽيڪنيڪي ۽ ھنري مهارت سيکارڻ توڙي روزگار جا موقعا ڳولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
”مڊل ٽيڪ انيشيٽو“تحت سرڪاري اسڪولن ۾ ھنري تعليم کي روايتي تعليم جو حصو بڻائڻ جي سلسلي ۾ سي ايم ايس گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري ڪيمپس اسڪول ڪراچي ۾ تقريب ٿي.
تقريب ۾ تعليم واري وزير سردار علي شاهه، اڳوڻي تعليم واري وقتي وزير رعنا حسين، اسڪول ايجوڪيشن سيڪريٽري زاهد علي عباسي، جائيڪا جي چيف ايڊوائيزر، چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر فوزيه خان، ڊائريڪٽر اسڪول ڪراچي مرزا ارشد بيگ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي تعليم واري وزير سردار علي شاهه چيو ته سنڌ تعليمي سڌارن جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي هڪ ٻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
هن چيو ته اسڪولن ۾ مڊل ٽيڪ تعليم هڪ اهڙو تعليمي ماڊل آهي، جيڪو شاگردن کي ٽيڪنيڪي ۽ پيشيوراڻيون مهارتون سيکارڻ ۽ روزگار جا موقعا ڳولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته هن وقت سنڌ ۾ 21هين صدي جي ضرورتن موجب تعليمي سڌارا لازمي آهن، “هي قدم شاگردن کي سماجي ۽ اقتصادي لحاظ کان قابل شهري بڻائڻ ڏانهن هڪ قدم آهي.
تعليم واري وزير چيو ته وسيلن جي کوٽ جهڙن مسئلن جي ڪري ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي، اهڙن قدمن جي مدد سان ٻار پنهنجي شاگرديءَ جي دوران خودمختيار بڻجي پنهنجا تعليمي خرچ پورا ڪرڻ سان گڏ خاندان جي لاءِ سھارو پڻ بڻجي سگهندا.
صوبائي وزير چيو ته پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي 300 اسڪولن ۾ سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن، جن سان 65,000 ٻارڙن کي روايتي تعليم سان گڏ ٽيڪنيڪي تعليم جي ڄاڻ پڻ ڏني ويندي.
سيد سردار علي شاهه چيو ته مڊل ٽيڪ سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ميٽرڪ ٽيڪ ۽ پوءِ ڪاليجز ۾ انٽر ٽيڪ ڪلاسز پڻ جلد شروع ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.