موهن جو دڙو دريافت ڪندڙ شخص جنهن جي خدمتن کي نظرانداز ڪيو ويو!

هي 20 سيپٽمبر 1924ع جو ڏينهن هو، جڏهن برطانوي رسالي ”دي السٽريٽڊ لنڊن نيوز“ پنهنجي صفحن ۾ هڪ نئين دريافت کي جاءِ ڏني، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ڀارت ۾ قديم يوناني شهر موڪينائي جهڙا قديم شهر دريافت ٿيا آهن.
هي مضمون پنج هزار سال پراڻن شهرن، موهن جو دڙو ۽ هڙپا بابت هو، جنهن دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو.
ان وقت تائين ماڻهن کي اها ئي خبر ڪانه هئي ته ڀارت ۾ به هزارين سال پراڻي تهذيبن جا آثار موجود آهن.
برطانوي رسالي لاءِ هي مضمون ڀارت جي قديم آثارن واري کاتي جي سربراهه سر جان مارشل لکيو هو ۽ ان سان گڏ قديم شهرن جي آثارن جون تصويرون پڻ شايع ڪيون ويون هيون.
پر سر جان مارشل هن مضمون ۾ هڪ اهم ڳالهه جو ذڪر نه ڪيو هو ۽ اها ڳالهه هيءَ هئي ته انهن قديم شهرن جي دريافت ڀارت جي ٻن قديم آثارن جي ماهرن ڪئي هئي، جن مان هڪ جو تعلق بنگال سان هو.
موهن جو دڙو دريافت ڪندڙ بنگالي آرڪيالجسٽ رکلداس بئنرجي هو، هو آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو هڪ سينيئر آفيسر هو، جڏهن ته سندس ساٿي ديارام سهاني قديم شهر هڙپا دريافت ڪيو هو.
ڀارتي شهرين کي هاڻي پنهنجي اسڪولي تاريخ جي ڪتابن مان خبر پئي آهي ته رکلداس بئنرجي موهن جي دڙي جا آثار دريافت ڪيا هئا، پر شروعاتي سالن ۾ دنيا سندس نالي کان اڻواقف هئي.
موهن جو دڙو جي دريافت بابت رکلداس بئنرجي سر جان مارشل کي هڪ رپورٽ موڪلي هئي، جيڪا گم ٿي وئي هئي.
ويجهڙائي ۾  ئي بنارس هندو يونيورسٽي سان واڳيل پروفيسر ۽ قديم آثارن تي تحقيق ڪندڙ محقق ديپن ڀٽاچاريه کي رکلداس بئنرجي جي رپورٽ جي هڪ ڪاپي آئي هئي ۽ هو ان رپورٽ جي تاريخي اهميت کان چڱيءَ ريت واقف هو، پروفيسر ديپن ان رپورٽ ۽ تصويرن جون ڪجهه ڪاپيون تيار ڪيون.
پروفيسر ديپن موجب”انهن سڀني شين کي استعمال ڪندي مان اصل رپورٽ کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ۽ اهو منهنجو فرض به هو.“
پروفيسر ديپن ڀارت جي قديم آثارن تي ڪيئي ڪتاب لکي چڪو آهي، جن ۾ انڊس ويلي تهذيب بابت لکيل ڪتاب پڻ شامل آهن.

رکلداس بئنرجي ۽ موهن جي دڙي جي دريافت
رکلداس بئنرجي پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو هو ته” تاريخي ماڳ موهن جو دڙو جي دريافت هڪ حادثو هئي، جيڪو پهرين آڪٽوبر 1917ع تي پيش آيو، جڏهن مان ان علائقي ۾ هرڻ جو شڪار ڪري رهيو هئس.“
”اتي مون کي هڪ مٽي ڪڍڻ وارو اوزار مليو جيڪو ڪجهه سال اڳ روهڙي جي ويجھو سکر ضلعي ۾به مليو هو. اهي اوزار هاڻي ڪلڪتي جي عجائب گهر ۾ رکيا ويا آهن.“
ست نومبر 1928ع تي ”ڪلڪتا ميونسپل گزيٽ“ ۾ بئنرجي پنهنجي ڪيريئر ۽ ان دريافت بابت لکيو، جنهن ڀارت جي تاريخ بدلائي ڇڏي.
موهن جو دڙو جي دريافت کان اڳ بينرجي انڊين آرڪيالاجيڪل سروي ڊپارٽمينٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي، سندس دوست سنيتي ڪمار پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو هو ته بئنرجي هن علائقي ۾ سڪندرِاعظم جا نشان ڳولڻ لاءِ آيو هو.
بئنرجي موهن جو دڙو کان پوني واپس آيو ته کيس خبر پئي ته ڊاڪٽر آر ڀنڊارڪر به ڪجهه سال اڳ هن علائقي جو دورو ڪري چڪو هو ۽ هن ٻڌايو هو ته اِهي آثار رڳو ڪجهه سئو سال پراڻا آهن.
تنهن هوندي به بينرجي مايوس نه ٿيو ۽ 1917ع کان پوءِ هن بار بار هن علائقي جو دورو ڪي، نيٺ سنڌو درياءَ جي ڀرپاسي هن موهن جو دڙو جا آثار ڳولي لڌا.
ڊاڪٽر بئنرجي لکيو آهي ته”1922ع ۾ جڏهن مان قائل ٿي ويس ته شايد موهن جو دڙو ڀارت جي سڀ کان پراڻي تهذيب آهي، تڏهن مون اتي کوٽائي شروع ڪرائي.“

ٻڌ مت جي اسٽوپا هيٺان لِڪل تهذيب
پروفيسر ديپن ڀٽاچاريه موجب” کوٽائي کان اڳ کنڊرن جي مٿان ڪشن سلطنت جي زماني جو هڪ ٻڌ اسٽوپا ٺهيل هو.“
ان ڏس ۾ بئنرجي وڌيڪ لکي ٿو ته” 1921ع ۾مان لاڙڪاڻي ضلعي جي اولهندي پاسي موجود هئس، جتي مون هڪ گڙو ڏٺو ۽ ان ۾ هٿ وڌو ته منهنجو هٿ معمولي زخمي ٿي پيو ۽ ماڻهن چيو ته شايد مون کي نانگ ڪکيو آهي، نانگ کي مارڻ جي ڪوشش دوران اتا ڏهه ٻيا مٽيءَ جا ٿانوَ هٿ آيا.“
هن لکيو ته ” هڪ ٿانوَ ۾ پٿر جي هڪ ڇُري رکيل هئي، جنهن منهنجي آڱر زخمي ڪري ڇڏي، هر ٿانوَ ۾ هڪ انساني هڏي ۽ ڪجهه چانور، جوَ، تماڪ ۽ شيشي جون شيون موجود هيون.“
هو لکي ٿو ته ”جڏهن اهي شيون دريافت ٿيون ته مون کي سمجهه ۾ آيو ته انڊس ويلي جي ڏاکڻي حصي ۾ موجود آثار ڀارت جي اترين علائقن ۾ دريافت ٿيل آثارن کان مختلف آهن.“
بئنرجي موجب ”آخرڪار جون 1924ع ۾ مون قديم آثارن واري کاتي جي سربراهه سر جان مارشل کي هن دريافت بابت آگاهه ڪيو.“
سر جان مارشل اِها معلومات ۽ تصويرون ”دي السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“ ۾ شايع ڪرايو، پر مضمون ۾ موهن جو دڙو دريافت ڪندڙ بئنرجي ۽ هڙپا جا آثار ڳولي لهندڙ ديارام سهاني جو ذڪر ئي نه ڪيو ويو !
رکلداس بئرنجي جنهن کي زندگيءَ ۾ ڪا سرڪاري مڃتا نه ملي
پروفيسر ديپن جو چوڻ آهي ”ان جو مطلب اِهو ٿيو ته لنڊن جي اخبارن ۾ ڇپيل مضمون جان مارشل جو نه هيو، پر اصل ۾ اِها بئنرجي ۽ سندس ساٿين جي محنت هئي.“
” ان باوجود انهن جي خدمتن کي تسليم نه ڪيو ويو، سر جان مارشل پاڻ وڏو عالم هو، جنهن تي سوال نه ٿو اُٿاري سگهجي، پر ڪنهن ٻئي جي کوجنا کي تسليم نه ڪرڻ به صحيح عمل نه آهي.“
ڊاڪٽر ديپن موجب، جان مارشل جو چوڻ هو ته بئنرجي جي رپورٽ ۾ ڪيئي خاميون هيون ۽ ان ۾ ڄاڻ جي کوٽ به هئي.
هارلڊ هارگريوز جيڪو جان مارشل کان پوءِ آرڪيالاجي کاتي جو سربراهه بڻيو، بئنرجي جي رپورٽ واپس بئنرجي ڏانهن اُماڻي هئي.
ڊاڪٽر ديپن ٻڌايو ته” هارلڊ هڪ خط ۾ بئنرجي کي ٻڌايو ته مارشل چيو آهي ته اصل رپورٽ بئنرجي کي واپس موڪلي وڃي ۽ جيڪڏهن هو چاهي ته پنهنجي نالي سان ان کي ڪٿي به شايع ڪرائي سگهي ٿو.
سال 1931ع جان مارشل پنهنجي ڪتاب موهن جو دڙو” دي انڊس سولائزيشن“ ڇپيو ۽ ان ۾ رکلداس بئنرجي ۽ ديارام سهاني جو به ذڪر ڪيو.
تاريخدان نينجوت لهري پنهنجي ڪتاب ۾ رکلداس داس جي رپورٽ بابت تفصيلي لکيو ۽ ان راءِ جو اظهار ڪيو ته بئنرجي کي مارشل جي ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ پنهنجو اصل ڪم شايع ڪرائي ها ته غلط فهمين جي گنجائش پيدا نه ٿئي ها

رپورٽ جو گم ٿيڻ ۽ وفات
ڊاڪٽر ديپن موجب” مون کي شڪ آهي ته بئنرجي موهن جو دڙو بابت رپورٽ واپس ملڻ کانپوءِ اِها ٻيهر ڏٺي ئي نه هئي ڇاڪاڻ ته هو ان وقت ديهانت ڪري چڪو هو.
ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ ئي رکلداس بئنرجي 45 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري چڪو هو، ان کان اڳ هن پاڻ قديم آثارن واري کاتي تان رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي هئي جنهن بعد هو بنارس هندو يونيورسٽي ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو.

رکلداس تي مالي گهوٻين جا الزام
رکلداس داس بئنرجي مٿان مالي گهوٻين جا الزام پڻ لڳا، جان مارشل ۽ بئنرجي جي اختلافن سبب ڀارت ۾ آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي.
نينجوت لهري لکي ٿو ته مارشل ۽ بئنرجي وچ ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيو ته نوادرات خريدڻ لاءِ جيڪا ” قيمت “ رکلداس بئنرجي ادا ڪرڻ چاهي پيو اُها جان مارشل موجب اصل قيمت کان وڌيڪ هئي.
نينجوت لهري موجب رکلداس ڪيترائي ڀيرا جان مارشل جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي.
جنهن کانپوءِ رکلداس بئنرجي هڪ ٻئي سرڪاري نوڪري لاءِ درخواست جمع ڪرائي ته جان مارشل سندس باري ۾ منفي تاثرن جو اظهار به ڪيو، انڪري ئي رکلداس بئنرجي کي اِها نوڪري نه ملي سگهي.
ان کانسواءِ مڌيه پرديش جي هڪ مندر مان قديم مورتي گم ٿيڻ جو الزام به بئنرجي مٿان مڙهيو ويو، جيتوڻيڪ بعد ۾ بئنرجي اها مورتي هٿ ڪري مندر انتظاميا کي واپس ڪئي.
ان صورتحال کانپوءِ بئنرجي جان مارشل کي هڪ ڳجهو خط پڻ لکيو ۽ ڪولڪتا منتقلي جي درخواست ڪئي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جان مارشل بمبئي (هاڻي ممبئي ) حڪومت کي رکلداس بئنرجي کي ٻيهر ڪولڪتا بدلي ڪرڻ تي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
بئنرجي موهن جو دڙو بابت پنهنجي آخري دوري دوران به سرگرم رهيو، مارشل سان اختلافن باوجود هن پنهنجي تاريخي حيثيت قائم رکڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون.
سال 1922ع ۾ رکلداس بئرنجي ڪولڪتا وڃڻ کان اڳ آخري ڀيرو موهن جي دڙي جو دورو ڪيو، ان دوران ئي اتي کوٽائي شروع ٿي چڪي هئي، جتي ٻڌمت جي اسٽوپا هيٺان هوريان هوريان هڪ قديم تهذيب جا نشان ظاهر ٿيڻ لڳا هئا.
رکلداس جي زندگيءَ ۾ موهن جي دڙو کي ڪا خاص سڃاڻپ نه ملي، پر لاڏاڻي کانپوءِ موهن جي دڙي کي عالمي ورثو قرار ڏنو ويو.
ورهاڱي بعد پاڪستاني سرڪار طرفان موهن جي دڙي جي داخلي گيٽ وٽ لڳل بورڊ تي رکلداس بئنرجي جو نالو لکيو ويو، اهڙي ريت سندس موهن جي دڙي جي دريافت لاءِ ادا ڪيل تاريخي ڪردار کي قبول ڪيو ويو.
بي بي سي اردوءَ جي ٿورن سان

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.