اسلام آباد ۾ پرڏيهي سفارتڪار فليٽ مان مئل حالت ۾ هٿ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ هڪ فليٽ مان پرڏيهي سفارتڪار جو لاش هٿ آيو آهي.
پوليس اختيارين موجب لاش جي سڃاڻپ جرمن سفارتخاني جي سيڪنڊ سيڪريٽري ٿامس فلڊر جي نالي سان ٿي آهي.
پوليس ٻڌايو ته لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ معاملي جي جاچ جاري آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ موت جو ڪارڻ سامهون ايندو.
پوليس موجب ان حوالي سان جرمن سفارتخاني کي به آگاهه ڪيو ويو آهي، جرمن سفارتڪار ان کان اڳ هڪ ڀيرو معمولي هارٽ اٽيڪ جو شڪار ٿيو هو، ٻه ڏينهن آفيس نه پهچڻ تي جرمن سفارتخاني فليٽ جو در ٽوڙيو ته لاش هٿ آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.