نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڇتيس ڳڙهه جي ضلعي بيجاپور ۾ نڪسل باغين جي حملي ۾ 8 پوليس اهلڪار مارجي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب نڪسل باغين پوليس اهلڪارن کي کڻي ويندڙ گاڏي کي آءِ اي ڊي ڌماڪي سان اڏايو، واقعي ۾ 8 پوليس اهلڪار ۽ ڊرائيور به مارجي ويو.
ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن پوليس اهلڪار نڪسل باغين خلاف آپريشن بعد واپس وڃي رهيا هئا، پوليس موجب ڌماڪي وقت گاڏي ۾ 20 اهلڪار موجود هئا.
ڀارتي ميڊيا موجب واقعو باغين خلاف ڪيل آپريشنز کانپوءِ پيش آيو، آپريشنز ۾ ڪيترائي باغي ماريا ويا هئا.
You might also like