ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڪراچي جي گارڊن واري علائقي ۾ ڊي آءِ جي آر آر ايف اظفر مهيسر جي پٽ عاشر مهيسر جي گاڏي جي ٽڪر ۾ هڪ عورت جي زخمي ٿيڻ واري معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نئين سال جي جشن جي موقعي تي چڙيا گهر وٽ سرڪاري نمبر پليٽ واري گاڏي حنا نالي هڪ عورت کي ٽڪر هنيو هو. علائقي واسين موجب سرڪاري گاڏي ۾ اظفر مهيسر جو پٽ عاشر مهيسر ۽ ڀاڻيجو مبشر رضا سوار هئا. عاشر مهيسر سان پروٽوڪول ۾ 2 پوليس گارڊ به گڏ هئا. گاڏي جي ٽڪر ۾ عورت جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ جڏهن ماڻهو گڏ ٿي ويا ته گارڊن هوائي فائرنگ ڪئي. پوليس ذريعن موجب عاشر مهيسر نشي ۾ ڌت هو ۽ واقعي واري رات جي وڊيوز مان به اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي. ذريعن موجب زخمي عورت کي اسپتال ۽ عاشر مهيسر کي گارڊن سوڌو گارڊن ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو هو. پوليس ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ عاشر ۽ مبشر رضا کي ڇڏي ڏنو. زخمي عورت کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني وئي. گارڊن پوليس ذريعن موجب عاشر نشي جي حالت ۾ نه هو، گاڏي عورت سان نه پر عورت جي گاڏي سندس گاڏي سان ٽڪرائجي وئي هئي. متاثر عورت ڪابه قانوني ڪارروائي نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي جنهن سبب معاملو بنا ڪارروائي جي نبري ويو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 06 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو