حيدرآباد ( پ ر ) جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو سربراهي اجلاس حيدرآباد ۾ سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي ڪميٽي جي سربراھه اسلم خيرپوري جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 121هين سالگرھ سن ۾ رھبر ڪميٽي پاران ملهائي ويندي ۽ ان موقعي تي ڀرپور سياسي جلسو ڪيو ويندو. جنهن لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي، جيئي سنڌ قومي محاذ (شهيد بشير خان) جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ جيئي سنڌ محاذ (سرور سهتو) جي اڳواڻ علي نواز ٻٽ سميت فڪر سيد سان لاڳاپيل عدم تشدد تي بيٺل جماعتن کي پڻ دعوتون ڏنيون وينديون. اجلاس ۾ چيو ويو ته گرين پاڪستان انيشيٽو ڪمپنيءَ کي عمرڪوٽ جي 52 هزار ايڪڙ زمين سميت ٻين علائقن ۾ زمينون ڏيڻ سنڌ جي زمينن تي قبضي واري رٿا جو حصو آهي. زمينن جي والار ۽ ڪئنالن وارا منصوبا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. گرين پاڪستان انيشيٽو جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ئي ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن. زمينن تي والار ۽ درياھ تي قبضو پنجاب جي مستقل ايجنڊا آهي. سنڌ حڪومت ان ايجنڊا ۾ شامل آهي. جيڪا ڪمپني کي زمينون الاٽ ڪري رهي آهي. جيڪڏهن الاٽ ڪيل زمين غير آباد ۽ سرڪاري آهي، تڏهن به ان تي پهريون حق مڪاني ماڻهن ۽ بي زمين سنڌي هارين جو آهي. ترقي جي نالي ۾ عسڪري ادارا سنڌ جي زمينن، دريا، سياحتي ۽ ثقافتي ماڳن، ڍنڍن ۽ جبلن تي قبضو ڪري رهيا آهن. جنهن عمل خلاف پرامن جدوجهد ڪئي ويندي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سائين جي ايم سيد جو فڪر سنڌ جي مستقبل لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجهد جو نالو آهي. مستقبل سيد جي فڪر سان سلھاڙيل آهي. جنهن جي رستا روڪ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جيڪو مذمت لائق عمل آهي. پر سن جي رستا روڪ نٿي ڪري سگهجي. قومي ڪارڪن ڀرپور انداز ۾ سن پهچندا. اجلاس ۾ فتاح چنا، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.