رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي علائقي خميس مشيط سان واسطو رکندڙ سعودي نوجوان هيف بن عبدالرحمان بن شاهر 13 ورهين جي لانا الشهري کي گردو عطيو ڪري کيس نئين زندگي ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي نوجوان هڪ اڻڄاتل ڇوڪري کي گردو عطيو ڪري انساني همدردي ۽ قرباني جو مثال قائم ڪري ڇڏيو.
لانا الشهري جي گردا فيل ٿي ويا هئا ۽ هوءَ ڊائلاسز تي هئي.
گردي جي پيوندڪاري جو ڪامياب آپريشن هڪ ملٽري اسپتال ۾ ڪيو ويو، هيف بن عبدالرحمان بن شاهر پنهنجي گهر ڀاتين ۽ مٽن مائٽن کي بنا ٻڌائڻ جي رڳو الله جي رضا اهو قدم کنيو.
سعودي نوجوان کي گردو عطيو ڪرڻ تي ڪنگ عبدالعزيز ميڊل (ٽيون درجو) سان نوازيو ويو.
سعودي نوجوان اڻڄاتل ڇوڪريءَ کي گردو عطيو ڪري انسانيت جو اعليٰ مثال قائم ڪري ڇڏيو
You might also like