دبئي: نقاب واري عورت جي وڊيو ٺاهي ٽوڪ ڪندڙ ٻه پرڏيهي سياح عورتون گرفتار

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي پوليس هڪ بانقاب عورت جي وڊيو ٺاهي ان جو مذاق اڏائيندڙ ٻن پرڏيهي سياح عورتن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب دبئي پوليس چيو آهي ته حراست هيٺ پرڏيهي سياح اولهه جون عورتون آهن، هنن هڪ مقامي ريسٽورنٽ ۾ بانقاب عورت، جيڪا پنهنجي مڙس سان گڏ کاڌو کائي رهي هئي، جي اجازت بنا وڊيو ٺاهي ۽ ان جي حجاب کي مذاق جو نشانو بڻايو ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته اها وڊيو سامهون اچڻ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن سياح عورتن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
دبئي پوليس جو چوڻ آهي ته انهن سياح عورتن ملڪي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، رياست ۾ سڀني مذهبن ۽ عقيدن جو احترام ڪيو ويندو آهي، ڪنهن جي تهذيب، ثقافت ۽ مذهب تي ٽوڪ ڪرڻ ڏوهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.