ڪراچي( رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 17 سال پراڻي اغوا، ڀنگ ۽ ڦر جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي ٻه ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي , عدالت اغوا ۽ چوري جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي وڌيڪ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي عدالت جوابدارن تي هڪ لک رپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي آهي ، جوابدارن ۾ نويد حفيظ ۽ نوازش اڪبر شامل آهن، عدالت جوابدارن جي ملڪيت به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ،عدالت جوابدار زمان، حامد ۽ فريد کي روپوش قرار ڏئي ڇڏيو آهي ،ياد رهي ته جوابدارن 2006 ۾ شير بهادر کي ملير ڪورٽ وٽان ڪاروباري تڪرار تان اغوا ڪيو هو, جوابدارن شير بهادر کي پنجن مهينن کان وڌيڪ جيل ۾ رکيو ۽ 70 لک رپيا روڪ ۽ 90 لک رپيا زيور ڦر ڪيا،وڪيل صفائي چيو ته ڏيڍ سال کانپوءِ جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، فريادن وٽ زيور ۽ روڪ رقم خريد ڪرڻ جي ڪا به رسيد موجود ناهي, وڪيل چيو ته 17سالن کانپوءِ ڪيس جو چالان جمع ڪرايو ويو آهي,پراسيڪيوٽر چيو ته عدالت جي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهيعدالت جي حڪم تي دهشتگرديءَ جا قلم شامل ڪري نئون چالان جمع ڪرايو ويو آهي, الفلاح پوليس ٿاڻي تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.